صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ ويگن اسٽينڊ تي ڪار ۾ پيل سيلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران سلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، نتيجي ۾ ڪار کي باهه لڳي وئي، جنهن دوران ڪار اندر ويٺل  3 ڄڻا ڊرائيور جماعت علي شنباڻي، لال بخش  شنباڻي ۽ غلام شبير سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن واٽهڙو نوجوان حميد ميربحر کي به سڙي زخمي ٿي پيو.