گهوٽڪي (رپورٽر) ڪراچي جي رهواسڻ عورت سونيا خان شادي جو آسرو ڏئي لڄ لٽيندڙ جوابدار خلاف عدالت پهچي وئي، عورت مسمات سونيا خاتون موجب ته گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ بشتي ارباب شاهه جي رهواسي ثناءُ الله ڪولاچي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي سالن کان شادي جو آسرو ڏئي لڄ لٽيندو رهيو آهي ۽ هاڻ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مونکي تيزاب ۽ بليچ پياري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، عورت موجب جوابدار ثناءُ الله يوسي سيڪريٽري آهي جنهن مونکي شادي جو آسرو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي،  ٻئي صورت ۾ سومر ڏهاڙي عدالت آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس.