صالح پٽ ( ن پ ا ) صالح پٽ جي علائقي بهڻ واري ۾ زمين جي مالڪي تان ڀنڀرا ۽ لنڊ برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو،لٺيون لڳڻ سبب اربيلو ڀنڀرو زخمي ٿي پيو, زخمي اربيلو ڀنڀرو جي فرياد تي گناهه نمبر 48/2021 قلم 506/2 ايڪٽ تحت جوابدار صاحب لنڊ سميت 8 ڄڻن خلاف صالح پٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي صالح پٽ پوليس موجب فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايوآهي ته جوابدار صاحب لنڊ سميت 8 ڄڻن منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪري لٺيون هڻي زخمي ڪيو آهي.