خيرپور (رپورٽر) فيض گنج ڀرسان ڳوٺ امير بخش خاصخيلي جي جوڙي سجاد حسين خاصخيلي ۽ سيما خاصخيلي پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاج ڪندي چيو ته شادي ڪرڻ بعد مائٽ جانين جا دشمن بڻجي ويا آهن، بشير احمد، رياض احمد، عبدالله، محمد اسحاق، محمد بخش، صفدر علي، شمن علي، ساجد علي ۽ ٻيا اسان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هنن اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو هو ۽ گهر ۾ بيٺل 6 ٻڪريون، ٻه مينهون، چار ڳئون ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي ويا هئا، تحفظ فراهم ڪري اسان جون جانيون بچايون وڃن.