شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ويجهو ٽرڪ ۽ مزدا ڊرائيورن سنڌ بلوچستان موٽروي روڊ قبو باءِ پاس تي گاڏيون بيهاري پوليس جي ڀتا خوري خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حق نواز بروهي، مولا بخش بروهي، احمد نواز بروهي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ ھر روز ڪروڙين رپين جو واپار ٿئي ٿو، اسان جڏهن بلوچستان کان سنڌ جي حد ۾ داخل ٿيون ٿا ته معطل ٿيل پوليس اهلڪار احمد چانڊيو ٽرانسپورٽرز کان ڀتو اوڳاڙي ٿو، هنن چيو ته پوليس اهلڪار اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.