لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ڪاروائي ڪري شهرين جا موبائيل فون چوري ڪندڙ پينو فقيرياڻي عورت کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن پوليس آڏو 4 موبائيل فون چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جنهن کان پوءِ پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، ڪالهه پوليس شهرين جي شڪايتن تي شهر جي جناح باغ واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري پينو فقيرياڻي جي روپ ۾ پيرسن عورت کي گرفتار ڪري وومين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي گرفتار پينو فقيرياڻي پوليس آڏو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن مختلف هنڌن تان 4 موبائيل فون چوري ڪيا آهن، جيڪي سندس ڌيءَ روبينا شيخ وٽ آهن، وومين پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اختيار انصاري، جهانگير چنا ۽ ارشاد لغاري جا فون چوري ٿيا هئا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري پوليس کي ڏنا ويا، جنهن ذريعي پينو فقيرن جي روپ ۾ چور عورت کي سوگهو ڪيو ويو.