ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت روايتي چيني دوائن جي ڪلينڪ جي قيام لاءِ پروگرام کي اسپانسر ڪري رهي آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽرن جي تربيت پڻ ڪرائي وئي آهي، ڪالهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ سينٽر فار بايو ايڪويلينس اسٽڊيز اينڊ ڪلينيڪل ريسرچ پاران چيني هربل ميڊيسن جي ڪامياب ڪلينڪل ٽرائل جو افتتاح ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سي بي سي آر عالمي معياري مطابق 50 کان وڌيڪ دوائن جا ٽرائل ڪيا آهن، جن جي نتيجن کي عالمي سطح تي شايع به ڪيو ويو آهي، منڪي پوڪس جي امڪاني پکيڙ کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي،