شڪارپور ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، 9 ڏينهن اندر 6 ڄڻا اغوا ٿي چڪا

0
403

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور ضلعي اندر بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي، ضلعي جو ھر ننڍو وڏو شھر، لنڪ روڊ ۽ ڳوٺ ھٿياربندن جي حوالي ٿيل آهن، جڏھن ته لکي ۽ خانپور تعلقو ڏوھارين جي ڪيٽي بڻجي چڪو آهي، ھر روز قتل ۽ اغوائن جون وارداتون رپورٽ ٿي رھيون آھن، 9 ڏينھن اندر لکي ۽ خانپور تعلقي مان 6 ماڻھو اغوا ٿي چڪا آھن، لکي غلام شاھ ڀرسان سکر_ لاڙڪاڻو روڊ تان ٺل واسي سيپڪو جو اڳوڻو ڊويزنل اڪائوٽنٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي کي ڏوھاري اغوا ڪري ويا ھئا، جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ چڪ ٿاڻي جي حد غلام ڳوٺ وٽان حافظ قرآن محمد طاهر ميوو اغوا ٿي ويو ھو، 2 ڏينھن اڳ خانپور ٿاڻي جي حد ڪنوارا شھيد ڀرسان حاجي جبار بلوچ جي زمين تان پوليس وردي پھريل هٿياربندن پاران 6 ڄڻا اغوا بعد ٻن کي ڇڏي 4 ڄڻن عمران گولو، واجد سيٺار، عابد گولو ۽ اساما سيٺار کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن اعجاز لهر ۽ معذور زاهد سيٺار کي رستي ۾ ڇڏي ويا ھئا، 6 مغوي اڃا بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ان حوالي سان مغوين جي وارثن ٻڌايو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، هنن چيو ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.