پنجاب پاڻي چوري کان ڇو نه ٿو مڙي !؟

0
386
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پنجاب وڏو صوبو ۽ منڍ ۾ هئڻ ڪري پاڻي جي معاملي ۾ سدائين سنڌ سان زيادتيون ڪندو رهيو آهي ۽ وري کيس اهي زيادتيون ڦٻنديون به رهيون آهن جنهن ڪري اهڙيون زيادتيون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن.سنڌ سان اين ايف سي کان وٺي وفاقي ترقياتي رٿائن ۾ ته زيادتي ٿيندي رهندي آهي پر جهڙي زيادتي پاڻي جي معاملي تي ٿيندي آهي اهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي معاملي تي ٿيندي هجي ڇو ته پنجاب کي جڏهن پاڻي جي گهرج هوندي آهي ته هو پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي ارسا ۽ سنڌ وارن جي مرضي يا اجازت کان سواءِ کڻي وٺندو آهي، سنڌ جا ارسا ۾ نمائندا پيا رڙيون ڪندا آهن ارسا ترت تحرڪ وٺڻ بدران جڏهن پاڻي چوري ٿي چڪي هوندي آهي پوءِ اکيون مهٽي مڙئي نالي ماتر نوٽيس وٺندي آهي ۽ پنجاب پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري پوءِ ارسا جو ڀرم رکڻ لاءِ پاڻي چوري بند ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو آهي تيستائين سنڌ جي حصي تي ڌاڙو لڳي چڪو هوندو آهي ۽ سنڌ انهي جو نقصان پئي ڀوڳيندي آهي.
هاڻي به ڪجهه اهڙي قسم جي واردات ٿي آهي، پنجاب ويٺي ويٺي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي تونسا پنجند ۽ چشما، جهلم لنڪ ڪئنالن مان اضافي پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٿل ڪئنال کي به وهايو ويو آهي جنهن ڪري اڳ ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ وڌيڪ کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.سنڌ جي ارسا ۾ نمائندي موجب چشما بئراج مان ايلوڪيٽ ٿيل 7600 ڪيوسڪ بدران پنجاب 11 هزار ڪيوسڪ مطلب 4 هزار ڪيوسڪ اضافي پاڻي پنهنجي مرضي سان ۽ ارسا جي منظوري کانسواءِ کڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ ارسا جي نمائندي ارسا چيئرمين کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته ڪراچي کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملي سگهندو، جڏهن پنجاب پاڻي وهائي چڪو ان کانپوءِ سنڌ جي احتجاج تي ارسا اک پٽي ۽ پنجاب کي ٽي پي ڪئنال بند ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ اهو بند ڪيو ويو آهي پر جيڪو پاڻي چشما جهلم لنڪ ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي وهايو پيو وڃي ان بابت ارسا اڃان تائين چپ آهي. هتي ڳالهه سمجهڻ کان ڳري آهي ته جڏهن پاڻي ورهاست لاءِ ارسا موجود آهي ته پوءِ پنجاب پنهنجي مرضي سان ڪيئن اضافي پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ارسا ڇو تيستائين اکيون ٻوٽي ويهي ٿي رهي جيستائين ڪو متاثر صوبو احتجاج نه ٿو ڪري؟ ڇا اضافي پاڻي وهائڻ کانپوءِ ان جو حل رڳو اهو آهي ته وڌيڪ چوري نه ڪئي ويندي ۽ جيڪا چوري ڪئي وئي ان جو ڪو حساب ڪتاب يا پڇاڻو نه ٿيندو، صوبن جي وچ ۾ پاڻي معاملا طئي ڪرڻ واري ارسا ڇو ان معاملي تي خاموش آهي يا جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو اصول ڪم ڪري رهيو آهي ته پنجاب وڏو صوبو ۽ منڍ ۾ هئڻ ڪري جيئن وڻي سو ڪندو، ان آڏو قاعدن، قانونن ۽ آئيني اٿارٽي جي به ڪا حيثيت ناهي. سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي جيڪا صورتحال آهي اها اتي وڃي پهتي آهي جو زرعي مقصدن لاءِ ته ڇڏيو انساني آبادين کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي، صوبي جي گادي واري هنڌ ۽ ميٽروپوليٽن سٽي ڪراچي ۾ ئي ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان آهن ته باقي پري ۽ پٺتي پيل علائقن جي ڇا حالت هوندي اهو ڪو سمجهڻ ايڏو ڏکيو ناهي.
اسان سمجهون ٿا ته ارسا جي ذميواري آهي ته اها پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ورهاست کي يقيني بڻائي ۽ ڪنهن به متاثر صوبي جي احتجاج کان اڳ ئي ان کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي وٺرائي ڏئي، گڏوگڏ سنڌ حڪومت به پنهنجي خاموشي ختم ڪري، سڀڪجهه رڳو ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي تي ڇڏڻ بدران انتظامي طور پنجاب حڪومت ۽ ارسا جي اختيارين آڏو نه رڳو پنهنجي حصي جو پاڻي وٺڻ لاءِ ڀرپور ڪيس رکي پر ڪنهن به چوري کي روڪڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري ڇو ته هو آخرڪار صوبي جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ ۽ ان جي حقن جي رکوال آهي.