نواب شاھ: ديھه ٻنڀائي ۾ ڊيوٽي دوران فائرنگ ۾ شھيد ٿيندڙ سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو جي نماز جنازي  پوليس لائن نواب شاھ ۾ ادا ڪئي وئي، نماز جنازي ۾ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد سميت پوليس کاتي جي آفيسرن ۽ اھلڪارن سان گڏ شھرين وڏي انگ۾شرڪت ڪئي، شھيد عبدالحميد کوسو کي پوليس پاران سلامي ڏني وئي، ان موقعي تي ايس ايس پي ميڊيا سامھون ڳالهائيندي چيو ته شھيد عبدالحميد کوسو پنھنجو فرض ادا ڪندي شھيد ٿيو آھي، سندس جو خون رائيگان نه ويندو ۽ شھيد لاءِ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل رقم ھڪ ڪروڙ  ۽ 2 نوڪريون وارثن کي ڏنيون وينديون. جڏھن ته ديھه ٻنڀائي ۾ مارجي ويل ڀنڊ برادري سان انصاف ٿيندو.