نوابشاهه/قاضي احمد: ڪچي جي ديھه ٻنڀائي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل 5 ڳوٺاڻن اياز ڀنڊ، پيرسن شير محمد عرف ٽوھ ڀنڊ،  صابن ڀنڊ،  اڪمل  ڀنڊ ۽ معشوق ڀنڊ جا لاش وارثن  نواب ولي محمد ۾ قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾  ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو، رفيق ملاح، پي ٽي آءِ اڳواڻ سڪندر انڙ حاجي ڀنڊ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين پاران سخت نعري بازي، ان موقعي تي سيد زين شاھ چيو ته واقعي ۾ حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ ھٿياربند ملوث آھن، جن کي پوليس جي مدد حاصل آھي، هن چيو ته مير منظور پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿيل فيصلي ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته فيصلي جي فتويٰ اچڻ تائين جهيڙيندڙ ڌريون تڪراري زمين تي نه وينديون پر زرداري برادري جي ماڻھن خلاف ورزي ڪئي آھي ۽ پوليس عملدار سميت 6 ماڻھن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي، هن مطالبو ڪيو جي آءِ ٽي جوڙي  واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي