ڄامشورو (رپورٽر)سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” طرفان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي ان عظيم هستيء جو جنم ڏينهن آهي، جيڪا بهادريء جي علامت هئي،سنڌ جي نياڻي ۽ بهادريء  جي علامت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن تي کيس سلام پيش ڪريان  ٿو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” چيو ته ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهندو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي.  سندس موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاء جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون.