ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سنڌ جي ڪامل صوفي بزرگ ۽ بلاولي تحريڪ جي روح روان شھيد مخدوم بلاول شھيد جي 571 هين سالگره جي آخري تقريب  اڄ مڪليء جي تاريخي قبرستان ۾ ڄام نظام الدين سمون/ڄام نندي جي آخري آرامگاھ  جي احاطي ۾ ملهائي وئي. ڪامريڊ بختاور لاکي جي اڳواڻيءَ  ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شھيد مخدوم بلاول سمون کي سنڌ ڪلچرل  فورم جي باني چيئيرمين  مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ، لطيف جي پانڌيئڙي نور رٽائي،ڪهاڻيڪار جمشيد جوکيو،قومي عوامي تحريڪ جي ڊويزنل آرگنائيزر ياسر جاکرو،عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر رزاق چانڊيو،سنڌ سجاڳ سماجي تنظيم جي صدر محمد ابراهيم ھيجب،نوجوان صحافي سانوڻ برفت،سنڌ سماٽ تنظيم جي مشتاق علي انڙ ،غلام مصطفي انڙ نادر جاکرو محمد اسلم انڙ ۽ٻين مخدوم بلاول کي زبردست خراج پيش ڪيو.