شهدادپور: پوليس قيد ڄاڻايل ناري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، وارثن جو ڌرڻو

0
236

شهدادپور (رپورٽر) شهدادپور ۾ پوليس قيد ڄاڻايل ناري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو، شھدادپور جي عدالت ۾ مقصودو رند ٿاڻي جي پوليس اهلڪار پاران زال جي حوالي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

پوليس مائٽن وٽ قيد ڄاڻايل ناري مُرڪ سومرو کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ناري جي بيان تي سندس مڙس پوليس اهلڪار محبوب زرداري حوالي ڪري ڇڏيو

پوليس ناري جي بيان جي آڌار تي کيس سندس مڙس محبوب زرداري حوالي ڪري ڇڏيو، محبوب زرداري موجب 3 مهينا اڳ مرڪ سومرو سان  شادي ڪئي، سندس مائٽن کيس گهر  ۾ قيد ڪيو هو

ناري جي وارثن پاران نوابشاهه مک روڊ تي ڌرڻو هنيوويو، ڌرڻي سبب نوابشاهه شھدادپور شھرن  ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل،  گاڏين جو قطارون لڳي ويون، پوليس تي مرڪ سومرو کي  کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام هنيو ويو

ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار محبوب زرداري پوليس  پارٽي سان گڏ گهر تي هلان ڪري مرڪ  سومرو کي اغوا ڪري ويو، نياڻي کي ورغلائي بيان ڏياريو پيو وڃي، نياڻي کي اسان حوالي ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪوٽڙي مان اغوا ڄاڻايل ناري پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ڀان سيد آباد مان پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري 3 ڏينهن کان پراسرار نموني گم