شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر جي مختلف ڪالونين ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف اسڪولي شاگردن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي عبدالسلام،الله بخش انصاري، جاويد آرائين، لال لياقت، ڪوثر پروين ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صفائي نه ٿيڻ سبب محمدي ڪالوني، ٽيليفون ايڪسچينج ڪالوني، لاهوري ڪالوني، هاءِ اسڪول روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ ڪنو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، هنن چيو ته گندو پاڻي روڊن تي بيٺل هجڻ سبب اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.