راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران سبزي منڊي والار ٽيڪس جو ڪيترن ئي سالن کان عام نيلامي نه ٿيڻ خلاف شھرين نماڻو سرڪي، الطاف عباسي، ضمير سومرو، فاروق گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ پير عبدالقادر شاھ جيلاني پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران سبزي منڊي ولار ٽيڪس جي عام نيلامي نٿي ڪرائي وڃي جنهن سبب شھر جي سبزي منڊي ۽ والار ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ھئڻ برابر آهي پھريان راڻيپور جي سبزي منڊي ۽ والار ٽيڪس جو لکين رپين ۾کليل واڪ ٿيندو ھيو جنھن جي پئسن مان شھر جا ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ھيا مگر ھاڻي واڪ نه ٿيڻ سبب ٽيڪس وصولي نه ھئڻ جي برابر آهي اسان وزير بلديات ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا ته سبزي منڊي۽ والار ٽيڪس جو کليل عام نيلامي ڪرائي وڃي.