ڀٽ شاهه ( ن پ ا ) ڀٽ شاهه جي نگري ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب گٽرن جا منهن کليل هئڻ ڪري جاني نقصان جا خطرا وڌي ويا آهن، ڀٽ شاه جي لطيف ڪالوني ، شيخ محلي ، پير محلي ، شاه حبيب چوڪ ، اسپتال روڊ ، ٻگهيا محلي ۽ ٻين هنڌن تي گٽرن جا ڍڪ کليل آهن. ڀٽ شاه جي مختلف محلن سان لاڳاپيل شهرين محمد رشيد رند ، نظير احمد مگسي ، جاويد راجپوت ، شعيب مڱريو ، حضور بخش ملاح ، اظهر علي ، رستم علي بليدي ، محمد اڪرم ، محمد خان ڇٽو ، علي رضا رند ، ظفرالله بليدي ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪوبه سانحو پيش آيو ته ان جو ذميوار ٽائون عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کي ليکيو ويندو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀٽ شاهه جي نگري کي موجوده حڪمرانن ملڪ جو ماڊل شهر بنائڻ وارو شهيدڀٽو۽ شهيد راڻي جو خواب ته پورو نه ڪيو مگر شاه لطيف جي شهر کي من پسند ۽ نااهل ڪامورن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي ڀٽ شاه ٽائون ۾ هر ماهه ايندڙ 52 لک بنا ڪنهن خرچ ڪرڻ جي تيل جا ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪيا پيا وڃن ، شهر ۾ مقرر 70 جي لڳ ڀڳ صفائي جو عملو به غائب آهي ته شيخ محلي ، لطيف ڪالوني ، پير محلي ۽ اڪثر علائقن ۾ گٽرن جا کليل منهن ڪنهن خوفناڪ حادثي کي دعوت ڏيئي رهيا آهن شهرين مطالبو ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه کي گهرجي ته ذاتي دلچسپي وٺي ڀٽ شاه جون اڻ مڪمل ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرايون وڃن ۽ صفائي جي عمل کي يقيني بڻائي گٽرن جا کليل منهن بند ڪري شهرين کي ڪنهن جاني نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.