ڪراچي (اسپورٽس نيوز) گوئٽا گليڊي ايٽرز کي وڏو ڌچڪو، مشهور آل رائونڊر شاهد آفريدي پي ايس ايل جي شروعاتي ميچز کان ٻاهر ٿي ويو. آل رائونڊر شاهد آفريدي چيلهه ۾ تڪليف سبب پي ايس ايل جي شروعات ميچز کان ٻاهر ٿي ويو. ذريعن موجب شاهد آفريدي جو عزيز به لاڏاڻو ڪري ويو آهي هو ان جي آخري رسمن ۾ به شرڪت ڪندو، ان کانپوءِ اسپتال مان ضروري چيڪ اپ ڪرائڻ بعد چيڪ اپ ڪرائيندو. واضح رهي ته ڪوئيٽا جي ڪپتان سرفراز احمد هڪ ڏينهن اڳ آفريدي کان ٽائيٽل کٽرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي