گمبٽ (ن پ ا) سکر ريجن جي ضلعي خيرپور ۾ چوٿين سنڌ ڪاليجز گيمز 2022 جا مقابلا جاري آهن، ايٿليٽڪس جي مقابلن ۾ گرلز بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جا مقابلا گورنمينٽ ڊگري سائنس بوائز ڪاليج گمبٽ جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ گرلز ڊگري ڪاليج کهڙا جي ميزباني هيٺ ڪرايا ويا، جنهن ۾ ضلعي جي پنجن ڪاليجن گمبٽ، کهڙا، راڻيپور، پيرجو ڳوٺ ۽ ڪاليج فار وومين خيرپور جي ٽيمن حصو ورتو. پنجن ئي ٽيمن وچ ۾ سنگل ۽ ڊبلز جا مقابلا ٿيا، رائونڊ ميچن کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پيرجو ڳوٺ ۽ ڪاليج فار وومين خيرپور وچ ۾ فائينل ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلي کانپوءِ پيرجو ڳوٺ ٽيم هڪ جي مقابلي ۾ ٻن رائونڊن تان سوڀ ماڻي چوٿين سنڌ گيمز خيرپور ضلعي جي گرلز بيڊمنٽن چيمپيئن شپ کٽي ورتي.