خيرپور (رپورٽر) شاعري ۽ تحقيق جي شعبن ۾ حاميءَ جو ڪم اتم آھي، ھن تعليم، سماجي خدمت ۽ اصولي سياست جي شعبن ۾ به اعليٰ ڪردار ادا ڪيو. اھڙن خيالن جو اظھار مختلف ساڃاھ وندن ۽ گھڻ گھرن سنڌ جي مٺڙِي لهجي واري برک شاعر ۽ عالمَ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي 39 ھين ورسيءَ جي نسبت سان، ڳوٺ سوھو ڪناسرا ۾ موجود سندس مزار تي حامي يادگار ڪاميٽي، خيرپور پاران گلن جي چادر چاڙھڻ کانپوءِ، مزار جي ڀرسان واقع حامي لائبريريءَ ۾ منعقد ڪيل ادبي ريفرنس ۾ ڪيو. ھن موقعي تي حامي صاحب جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن کي ياد ڪندي ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري نامياري ليکڪ لعل بخش منگيءَ چيو ته عطا محمد حاميءَ جو فڪر اسان لاءِ مشعل راھ رھيو آھي. شاعري، تحقيق، تنقيد، تاريخ نويسي، ترجمي، ترتيب، تاليف جي شعبن ۾ سندس وڏو ڪم آھي. حاميءَ جي فرزند ڊاڪٽر نصير حاميءَ چيو ته چار ڏھاڪا گذرڻ تي به حاميءَ جو گھڻو ڪم اڻ ڇپيل پيو آھي. سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي ان سلسلي ۾ اڳتي اچڻ گھرجي. حاميءَ جي شاعريءَ تي ايم فل ڪندڙ نامياري شاعر امر اقبال چيو ته حاميءَ جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آھي. ھو سچل سائينءَ جو وڏو شارح ھيو، جنھن پھريون دفعو چيو ته سچل سرمست ستن نه پر چئن ٻولين جو شاعر آھي. زاهد حاميءَ چيو ته حاميءَ جي اڻڇپيل مقالن کي ترتيب ڏنو اٿم، جڏهن ته سندس ترتيب ڏنل لعل چند مجروح جو ڪلام ۽ ناياب خط به موجود آھن. تقريب ۾ ڄام خان سوھو، پروفيسر لعل بخش سوھو، زوار منظور حسين سوھو، مظهر حسين سوھو، يار محمد ڀنگر، ذوالفقار سوھو ۽ ٻيا شامل رھيا. ياد رھي ته ڪووڊ 19 جي ڪري ھيل به حامي صاحب جي ورسي تقريب وڏي پئماني تي منعقد ٿي نه سگهي.