ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) سون 1200 رپيا سستو، ڊالر به هڪ رپيو لاٿ سان 154.6 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ بهتري رهي، سون 1200 رپيا لاٿ سان 112700 مان 111500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1450 رپيا في تولو تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو لاٿ سان 155.6 مان154.6 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 3 رپيا لاٿ سان 220.1 مان 217.1 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 2 رپيا لاٿ سان 189.6 مان 187.6 رپيا ٿي ويو.