فريدآباد (ن پ ا) 13 مھينن کان جبري طور کنڀي گُم ڪيل ڪاڇي واسي ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن ڀاءُ ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو، منصور ۽ ٻين 163ھين ڏينهن به لڱن ساڙيندڙ جهولي ۾ 12 ڪلاڪ بُک هڙتال جاري رکندي چيو ته ظفر چانڊيو کي بيگناھ 13 مهينن کان کنڀي گُم ڪيو ويو آهي. سندس جي آزاديءَ لاءِ اسين وارث ڪافي وقت کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جي احتجاج جو ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو نوجوان ظفر چانڊيو، آزاد ٿي آيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز خاصخيلي وانگر بيگناھ آهي. ان باوجود به اگر اسان جي نوجوان تي ڪي به چارجز يا ڪيس وغيره آهن ته کيس قانون مطابق ڪورٽن ۾ پيش ڪري کيس ظاهر ڪري اسان وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ اسان جي کنڀيل نوجوان ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پنهنجي پياري جي آزاديءَ تائين پُر امن جدوجهد جاري رهندو.