شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج جا ٻئي فلٽر پلانٽ موٽر سڙي وڃڻ سبب ستن ڏينهن کان بند پيل، رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان. تفصيل موجب شادي لارج شهر جي مدينه ڪالوني ۽ چيمه فارم تي لڳل پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا ٻئي فلٽر پلانٽ گذريل ستن ڏينهن کان بند پيل آهن، جنهن سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهن، ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ شادي لارج شهر توڙي ٻھراڙيءَ جي سوين ڳوٺن کي صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ فلٽر پلانٽس جي مرمت لاءِ گذريل ستن ڏينهن کان ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. شهرين عطاءُ الله کوسي، امجد جوڻيجي، ممتاز لنڊ ۽ ٻين دانهيو ته فلٽر پلانٽ خراب هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون، ويهن ڪلوميٽرن تائين پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته شادي لارج شهر جا فلٽر پلانٽس ٺهرائي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي.