قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد تعلقي ۾ 6 شاخن ملواح شاخ، مير رڪڻ شاخ، لنڊڪي شاخ، ڪور قائم شاخ، دولتپور شاخ، جادو مائينر شاخن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ھٿرادو وارا بندي سبب آبادگارن جا فصل سڙڻ لڳا، لنڊڪي شاخ تي واقع ديهه بوگري، ديهه جرڪوهيارو، ديهه ننڍو ڪنڌاهه، ديهه کڙ، وڏو ڪنڌاهه سخت متاثر، ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون، ڪيترائي واٽر ڪورس سخت متاثر ٿيا آھن. دولتپور شاخ تي ديهه ڪاڪا، ديهه ٻڀائي، ديهه سيرچيجا، ديهه جوجهاڻ سميت ڪيتريون ئي ديھون سخت متاثر ٿيون آھن پڇڙي جي شاخن ۾ وارا بندي سبب پاڻي نه ھجڻ سبب جتي فصل سڪي سڙي تباهه ٿي رهيا آھن. آبادگارن واجد علي راهو، رضا محمد راهو، اقبال اوٺو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي وارا بندي ڪرڻ سبب اهڙي صورتحال پيدا ٿي آھي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آھن. هنن آبپاشي کاتي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فوري طور تي وارا بندي ختم ڪري پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.