سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ واپڊا عملدارن جي زيادتين خلاف آبادگار اڳواڻ رضا محمد چانڊيو، پيپلز يوٿ اڳواڻ مير عبدالجبار چانڊيو، شاهنواز ماڃوٺو، عبدالرشيد ڪيريو، فرحان لغاري، ممتازلاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا سب ڊويزن سڪرنڊ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واپڊا عملدار فالٽ ڄاڻائي 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري ظلم ڪري رهيا آهن، هنن الزام هڻندي چيوته واپڊا عملدار رشوت نه ڏيڻ تي ٽرانسفارمرن جون تارون ڪٽي ڇڏيون آهن، بجلي بندش سبب ڪاروبار ٺپ آهي، سخت پريشان آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.