سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ روجو مهيسر ۾ گهُنڃا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، مهيسر برادري مان جهيڙو ٽارڻ آيل چار ڳوٺاڻن سميت لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌُرين جا 6 ڄڻا صدام مهيسر، گلزار مهيسر، ممتاز مهيسر، ارباب مهيسر، ارباب گھنڃو، پڃل گھنڃو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪنٽرول سنڀالي ورتو، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي تعلقي اسپتال پنوعاقل علاج لاءِ منتقل ڪيو، مهيسر برادري جي ماڻهن جو چوڻ ھو ته ڳوٺ ۾ گهُنڃا برادري جي ٻن ڌرين ۾ڇڪتاڻ وڌي ته بلا برادري جا ماڻهو هِڪَ ڌُر جا ونگارو بڻجي ھٿيار کڻي پهتا،جهيڙو ٽارڻ پهتاسين ته انهن اسان مٿان به حملو ڪري ڏنو،ٻئي پاسي ايس ايچ او سلطانپور ڪينٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي ۾ مهيسر ۽ گهُنڃا برادري جا 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.