لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ قهر جي گرمي هوندي سيپڪو طرفان مسلسل ٽن ڏينهن کان بجلي جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون، اسپتالن ۾ مريض پريشان. خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ قهر جي گرمي باوجود سيپڪو طرفان مسلسل ٽن ڏينهن کان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ اتر سنڌ جي وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ بجلي فراهمي بند ٿيڻ ڪري اسپتال انتظاميا جنريٽر به نه هلايو، جنهن ڪري وارڊن ۾ داخل مريضن جي گرمي سبب حالت خراب ٿي وئي، ان حوالي سان اسپتال ۾ داخل مريضن جي وارثن پيارل کوکر، سعيد احمد، دلبر مغيري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل بجلي صبح 7 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين بند ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سخت گرمي سبب داخل مريضن جي حالت خراب ٿي رهي آهي، هنن ٻڌايو ته اهڙيون شڪايتون ڊاڪٽرن سميت عملي کي ڪرڻ باوجود رڳو ٺلا آسرا ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته اسپتال انتظاميا جنريٽر به هلائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن جو چوڻ هو ته گرمي ۾ مريضن سميت اسپتال جي وارڊن مان ٻاهر نڪري پارڪن ۾ وڻن هيٺان ويهڻ تي مجبور آهيون، هوڏانهن ان حوالي سان سيپڪو انتظاميا جو چوڻ آهي ته گرڊ اسٽيشن تي مرمتي ڪم هلي رهيو آهي، جنهن ڪري بجلي سپلاءِ ۾ خلل پيو آهي، مرمتي ڪم 2 ڏينهن جاري رهندو، جنهن کانپوءِ بجلي جي مڪمل سپلاءِ بحال ٿيندي. ٻئي طرف بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت پنهنجي اخبار ۾ خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ سيشن جج نوٽيس وٺندي سيپڪو انتظاميا کي 30 مئي تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ياد رهي ته لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري ڪاروباري توڙي پورهيت طبقو سخت پريشان آهي.