سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ شهري مسئلن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ٽريڊ لائسنس فيس ۾ اضافي خلاف سکر ڊوالپمينٽ الائنيس طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اِن موقعي تي ايس ڊي اي جي چيئرمين ۽ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي جاويد احمد ميمڻ، غلام مصطفي ڦلپوٽو، آغا طاهر مغل، نعيم بلوچ، نور احمد قاسمي ۽ ٻين ميڊيا وار ن سان ڳالهائيندي چيو ته سکر واسين جي ووٽ تي چونڊيل نمائندن نه صرف سکر شهر پر شهرين کي به بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود سکر واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، شهري توڙي تجارتي مرڪزن، گهٽين، محلن توڙي روڊن رستن تي گندو پاني بيهجڻ معمول بڻيل آهي، شهري پيئڻ جي صاف پاڻي واري سهولت کان وانجهيل آهن،هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل ڪارپوريشن ٽريڊ لائينس فيس ۾ اضافو ڪري تاجرن کي پريشان ڪري رهي آهي جيڪو فيصلو به فوري طور واپس ورتو وڃي.