سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي جي رهواسڻ مسمات فريدا پنهنجي ڀيڻ سوني خاتون ۽ ممتاز بيگم سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانيهندي چيو آهي ته بااثرن  پنوعاقل  ۾ اسان جي 32 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ دانھڻ تي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرايو وڃي.