بدين (رپورٽر)بدين  ۾ هڪ مهينو پهرين بي دردي سان قتل ٿي ويل نوجوان علي رضا پٽ محمد لطيف آرائين جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود مک جوابدار  گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،ان ڏس ۾ مقتول نوجوان علي  رضا آرائين جي امڙ شميم اختر آرائين  بدين ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪيس جي مک جوابدار پوليس انسپيڪٽر اسد کچي ۽ ٻين کي ٽنڊو الهيار پوليس گرفتار نه ٿي ڪري. هنن چيو ته منهنجو پٽ بيگناهه هو جنهن کي جوابدار پئسن جي لالچ ۾ اچي ناري تمثيل آرائين جي مدد سان پاڻ وٽ گهرائي بي دردي سان قتل ڪري لاش کي اڇليو آهي پر ٽنڊو الهيار پوليس تمثيل آرائين جي گرفتاري بعد ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. مک جوابدار پڪڙي انصاف ڪيو وڃي.