عمران خان جي حياتيءَ کي خطرو: جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي آڇ

0
175
imran And rana sana
عمران جي حياتي کي خطرو آھي تھ ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيار آھيون

اسلام آباد: راڻا ثناءُ الله عمران خان جي حياتيءَ کي خطري واري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم چاهي ته هن جي حياتيءَ کي خطري بابت جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيار آهيون، عدالتي ڪميشن عمران خان جي فراهم ڪيل شاهدين ۽ معلومات جو جائزو وٺي آزاداڻو فيصلو ڏئي سگهي ٿي

وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان وٽ خطري بابت ڪي ثبوت موجود آهن ته فوري طور گهرو وزارت سان شيئر ڪري، عمران ثبوت نه ڏنا ته پوءِ آمريڪي سازش جيان سندس هن بيانئي کي به سياسي شعبده بازي سمجهيو ويندو