سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ھنڱورجا واسي طرفان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اي سي گمبٽ کان گذريل ٻڌڻيءَ تي حددخلين خلاف عدالتي حڪم بعد کنيل قدمن ۽ قبضن بابت رڪارڊ طلب ڪيو ھو، ڪالهه ٻڌڻي دوران اي سي گمبٽ عدالت ۾ جواب جمع نه ڪرايو ۽ اي سي گمبٽ طرفان روينيو کاتي جو ڪلارڪ آصف علي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنھن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪلارڪ کي گرفتار ڪرائي ورتو، جنھن طرفان وڪيل معرفت معافي گھرڻ ۽ مختيارڪار طرفان عدالت پھچي جواب داخل ڪرائڻ بعد کيس ڇڏيو ويو. عدالت سيشن خيرپور جج کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ حددخلين بابت انتظاميا جي کنيل قدمن بابت رپورٽ 24 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.