بدين (رپورٽر) ڪڍڻ لڳ ڳوٺ مير الھبچايو ٽالپور ۾ ٻن نوجوانن جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ھڪ اي ايس آءِ سميت 4 ڄڻا گرفتار، جاچ ڪندڙ ايس ايچ او ڪڍڻ گرفتاري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي. ھڪ نوجوان جي قتل کي ڏيڍ سال کان وڌيڪ وقت گذري ويو، قتل جا ٻئي ڪيس ڪڍڻ ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ٿيل آهن. ڪڍڻ لڳ ڳوٺ مير الھبچايو ٽالپور ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ٻن نوجوانن مقتول صديق ٽالپر ۽ غلام محمد ٽالپر جي قتل ڪيسن جي جاچ ھلندڙ ھئي، جاچ دوران پوليس ھڪ اي ايس آ۽ مير سرفراز ٽالپر کي شام ڌاري بدين عدالت مان گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب ٽن ڄڻن کي ڳوٺ مير الھبچايو مان گرفتار ڪيو ويو آهي پر انهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي. ياد رھي ته مقتول نوجوان صديق ٽالپر 15 نومبر 2019 تي ۽ غلام محمد ٽالپر 9 فيبروري 2021 تي قتل ٿيو ھو. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ بدين ٿاڻي جي وڏي منشي حنيف پنهور اي ايس آءِ مير سرفراز جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيوته کيس جهيڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.