سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ڊي آءِ جي سکر فداحسين مستوئي سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي اسپيشل برانچ، ايس آر پي ۽ ٽريننگ برانچ جي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪندي 114 اي ايس آئيز کي سب انسپيڪٽر طور ترقي ڏني وئي، سب انسپيڪٽر ٿيندڙن ۾ رالف پٺاڻ، رمضان ميراڻي، عبدالرزاق ميتلو، مھربان ڪولاچي ۽ ٻيا شامل آھن. جڏھن ته 68 ھيڊڪانسٽبلن کي اي ايس آئيز طور ترقيون ڏنيون ويون. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڊپارٽمينٽ پروموشن ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ 141 اي ايس آئيز کي سب انسپيڪٽر طور ترقي ڏيڻ لاءِ سينارٽي بنيادن تي لسٽ تيار ڪئي وئي، جنھن مان 114 عملدارن کي سب انسپيڪٽر طور ترقي ڏني وئي، جڏھن ته 27 اي ايس آئيز مختلف سببن ڪري مٿين گريڊ سب انسپيڪٽر طور ترقيءَ کان محروم رھجي ويا، ساڳي طرح سکر ڊويزن جي ٽنھي ضلعن سان تعلق رکندڙ 113 ھيڊ ڪانسٽيبلز کي اڳئين گريڊ ۾ ترقي لاءِ سينيارٽي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ھو، جنھن مان 68 ھيڊ ڪانسٽيبلز کي اي ايس آءِ طور ترقي ڏني وئي جڏھن ته مختلف سببن جي ڪري 45 ھيڊ ڪانسٽيبلز کي اي ايس آءِ طور ترقي کان محروم رکيو ويو.