بدين (رپورٽر) آزاد، منصفاڻيون ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ الڪيشن ڪميشن جي ذميداري آهي. ان لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اخلاقي ضابطي تي عملدرآمد انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ صوبائي اسيمبلي پي ايس 70 تي 20 مئي تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ دربار هال بدين ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته صوبائي اسيمبلي جي پي ايس 70 واري تڪ تي 1 لک 66 هزار 809 ووٽ داخل آهن. ان لاءِ 121 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 40 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون وينديون. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پي ايس 70 جي ننڍي چونڊ لاءِ 11 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن جنهن جي جاچ پڙتال پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ سوالن جا جواب ڏيندي صحافين کي ٻڌايو ته پي ايس 70 جي ننڍي چونڊ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. حساس پولنگ اسٽيشنن لاءِ رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ خط لکيو ويندو.