سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت پورهيت عبدالستار مڱريو جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ايس ايچ او ۽ ٻن اهلڪارن جي ضمانت وارين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت قتل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. پوليس عملدار ۽ اهلڪار ضمانتون رد ٿيڻ بعد عدالت مان کسڪي ويا. وڪيل محمد علي ناپر مطابق ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جهانگير ڀيو جي عدالت پورهيت عبدالستار مڱريو قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ايس ايچ او شوڪت آرائين، اهلڪار غلام مصطفيٰ کوسو ۽ شمس الدين ميراڻي جي ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد گرفتاريءَ جي ڊپ کان پوليس عملدار ۽ اهلڪار عدالت مان کسڪي ويا. قتل ڪيس ۾ ايس ايچ او شوڪت آرائين ۽ اهلڪار غلام مصطفيٰ کوسو عبوري ضمانت تي هئا. جڏهن ته اهلڪار شمس الدين عرف شمن ميراڻي سينٽرل جيل حوالي ٿيل آهي.