خيرپور (رپورٽر) ٺيڙهيءَ ڀرسان ڳوٺ ڀاڻو ڦلپوٽو ۾ زرعي زمين تي پوليس جي مدد سان مبينا قبضي خلاف عورتن ۽ ٻارن پاران ڪلام پاڪ کڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان پراڻي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مسمات سارا خاتون، عمران، عبدالرزاق ڦلپوٽي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته11 سال اڳ بااثر جوابدارن جعلسازي ذريعي 7 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ورتو، جوابدارن مختلف وقتن تي اسان جي ٻن نوجوانن کي قتل ۽ 16ڄڻن کي زخمي پڻ ڪيو هو، بعد ۾ عدالتي حڪم تي زرعي زمين سِيل ڪرائي اتي پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي هئي، هينئر ٺيڙهي پوليس جي مدد سان جوابدارن ٻيهر زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن الزام مڙهيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن زرعي زمين تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ ساڙينداسين.