سکر: انتظاميا جي نااهلي، شهر جا ڪيترائي روڊ بند

0
345

سکر (ن پ ا) سکر انتظاميا جي نااهلي، اڌ درجن کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن اڳيان برسات ۽ گندو پاڻي توڙي ڪريل وڻ نه هٽايا ويا، لوڪل بورڊ واري علائقي ۾ ٽي ڏينهن اڳ کجي جو وڻ ڪري پيو هو، تيز برسات سبب بيٺل برساتي ۽ گندو پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو، سکر دارلامان، دارلاطفال، ايجوڪيشن آفيس آڏو رستو بلاڪ ٿيل ۽ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن، نرسنگ اسڪول، انفارميشن آفيسون هجڻ باجود رستو ڪليئر نه ٿيو، مختلف هنڌن تي انتظامي نااهلي سبب برساتي ۽ ڊرينيج جو پاڻي بيٺل آهي، کجي جو وڻ ڪريل هجڻ ڪري ملازم داخلي رستي تي گاڏيون پارڪ ڪرڻ تي مجبور آهن، سکر ميونسپل ڪارپوريشن توڙي پبلڪ هيلٿ جي عملدارن سرڪاري آفيسن مان شڪايتن باوجود ڪو تدارڪ نه ڪيو، اڌ درجن کان وڌيڪ سرڪاري آفيسون هجڻ باوجود گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ڪريل وڻ نه هٽائڻ انتظاميا جي ڪارڪردگي تي سوال اٿڻ لڳا، هڪ ملازم جو چوڻ آهي ته روزانو سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي اچ وڃ ٿيڻ باوجود اهڙي صورتحال آهي ته باقي علائقن جي ڇا صورتحال هوندي.