فيض گنج (ڳاله ٻولهه رياض سولنگي) فيض گنج جي ڳوٺ حسين پاتو سان تعلق رکندڙ ٻنهي ٻانهن ۽ڄنگهن کان معزور ٽي فٽ قد رکندڙ صدام حسين راڄپر پنهنجي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته معذور آهيان پر معذوري کي ڪڏهن به مجبور نه سمجهو آهي صدام حسين راڄپر جيڪو سماج لاء هڪ وڏو ڪردار بڻيل آهي اهو چوي ٿو ته بابا سائيڪل تي کڻي تعليم ڏياري گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي ننڍپڻ ۾ فن طرف شوق هو جيڪو پورو ٿيو آهي هي چوي ٿو ته ڪيترائي ڊرامامختلف ٽي وي چيئل تي ڪري چڪو آهيان ڀلوڙ آواز رکندڙ صدام حسين راڄپر چوي ٿو ته ننڍپڻ ۾ بابا راڳ سيکاريو هن وقت سوشل ميڊيا تي منهنجا ڪيترائي ڪلام مشهور ٿي چڪا آهن هن چيوته آئون نااميد هيس ته مون کي ڪابه موٽ نه ملندي پر جيڪو پيار محبت سنڌ جي ماڻهن مون کي ڏنو آهي ان زندگي جاسمورا ڏک وساري ڇڏيا آهن. صدام حسين راڄپر چوي ٿو ته منهنجو قد 3 فٽ آهي سماج ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي مون کي ڏسي کلندا آهن پر آئون ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهيان ڇو ته زندگي مان مايوس ٿيڻ سڀ کان وڏو موت آهي هن چيوته ڳائڻ جو شوق گهٽ هو پر ڳائڻ بعد جيڪا موٽ ملي آهي ان ڳائڻ تي مجبور ڪيو آهي صدام حسين راڄپر چوي ٿو ته گهر جو اڪيلو ڪمائندڙ آهيان پر ڪڏهن به گهر وارن کي مايوس نه ڪيو آهي هن چيوته زندگي خوشين جو نالو آهي پاڻ به خوش رهو ٻين کي به خوش رکو هن چيوته 3 فٽ قد ضرور آهي پر پنهنجي زندگي کي ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه ڏنو آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته نوجوان زندگين کان مايوس ٿي خودڪشيون پيا ڪن زندگي جدوجهد جو نالو آهي خودڪشي ڪرڻ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي نوجوان محنت ڪن مون کي ڏسي سوچين ته آئون سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو ته نوجوان ڇو نٿا ڪري سگهن هن چيوته اسڪولن ڪاليجن توڙي خوشين جي موقعن تي مون کي ماڻهو گهرائندا آهن انهن کي ڪلام ٻڌائندو آهيان. هن چيوته آئون زندگي ۾ ٻين کي خوش ڪريان ٿو اهو منهنجي لاءِ وڏو عزاز آهي، هن چيوته منهنجو استاد منهنجو والد صاحب هو جنهن مون کي هن منزل تائين پهچايو آهي صدام حسين راڄپر جي خواهش آهي ته ڪلامن جو البم آڻيان پرمون وٽ ايتري طاقت نه آهي جو البم آڻي سگهان. صدام حسين راڄپر معذور آهي پر سوشل ميڊيا جا سمورا آڪائونٽ هلائي ٿو فيس بڪ ٽوئٽر واٽسپ سميت سموري سوشل ميڊيا استعمال ڪري ٿو دوستن سان چيٽ به ڪري ٿو صدام حسين راڄپر جي خواهش اها به آهي ته مون کي ڪجهه اهڙو فراهم ڪيو وڃي جنهن پليٽ فارم تان نوجوانن کي اهڙي سکيا فراهم ڪريان جنهن سان انهن جون زندگيون تبديل ٿي وڃن. صدام حسين راڄپر جا ڪيترائي سنڌي ڊرام مشهور ٿيا آهن هن اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي صدام حسين راڄپر کي آبپاشي کاتي ۾ نوڪري به آهي جنهن سان هي پنهنجو گهر هلائي ٿو