اشو آف دي ڊي سنڌ بحريا ٽائون کي رد ڪري ٿي بحريا ٽائون سيل هو ته باهه ڪيئن لڳي؟ پرامن احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ سازش ڪئي وئي؟ بحث

0
560

بحريا ٽائون واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي به سخت ردعمل ڏيکاريو ويو، ٽوئيٽر تي سنڌ ريجيڪٽس بحريا ٽائون هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو. جنهن ۾ ڪالهه رات 9 وڳي تائين 2 کان وڌيڪ ٽوئيٽ ٿي چڪا هئا. ان سلسلي ۾ نورالهديٰ شاهه لکيو ته زمين جي اصل وارثن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي ڪالونيون ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڪالونين ۾ گهريل قومون آخرڪار باغي ٿي وينديون آهن، باغي جن کي فاشسٽ طاقتون پنهنجي ٻولي ۾ غدار قرار ڏينديون آهن، ماروي سومرو لکيو ته بحريا ٽائون ۾ هلندڙ جلسي دوران هاءِ الرٽ سيڪيورٽي، هڪ ڊي آءِ جي ۽ ٽن ايس ايس پيز جي هوندي پرامن سنڌي ماڻهو جيڪي پنهنجي فيمليز سان گڏ ڌرڻي ۾ شريڪ آهن سي باهيون ڏيڻ جهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون ڪيئن ٿا ڪري سگهن، هالار سومرو لکيو ته اهو تشدد هڪ سازش تحت ڪيو ويو، وينگس هڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته احتجاج ڪندڙ چوي ٿو ته بحريا ٽائون انتظاميا احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ سازش ڪئي، بحريا ٽائون جي گيٽ وٽ اهلڪار موجود هئا ان صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، ظهور جوڻيجو لکيو ته مون سميت سموري سول سوسائٽي اتي ڪيترائي ڪلاڪ پرامن احتجاج ۾ گذاريا، ملڪ رياض جي ڪجهه غنڊن پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ لاءِ باهيون ڏنيون . نصير ميمڻ لکيو ته سنڌ جي زمين عوام جي گڏيل ملڪيت آهي. اها حڪومت جي ملڪيت نه پر عوام جي سونپيل امانت هوندي آهي. عوام پنهنجي ان زمين جي نگهباني حڪومت کي سونپي آهي حڪومت اها زمين صوبي جي عوام جي ترقيءَ بجاءِ ڪجهه فردن جي مفاد وٽان استعمال نه ٿي ڪري سگهي.فاروق سومرو لکيو ته بحريا ٽائون سنڌ جي والار جو تسلسل آهي. علي پلهه لکيو ته سنڌ اسيمبلي جي قراداد منظور ڪريو، انساني حقن بنا ڊولپمينٽ نامنظور، انساني حقن بنا بزنس نامنظور، انساني حقن بنا حڪمراني نامنظور، امداد سومرو جلال محمود شاهه جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن بحريا ٽائون سيل هو ته اندر باهه ڪنهن لڳائي ان جي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي، سجاد چانڊيو لکيو ته سنڌ بحريا ٽائون ۽ سندن ساٿارين کي رد ڪري ٿي. امر فياض لکيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته ان قسم جي باهه جا مجنون ماڻهو جيڪي صرف پنهنجي زمين بچائڻ لاءِ نڪتا آهن اهي نٿا ڏئي سگهن.قاضي آصف لکيو ته پرامن ماڻهن جي ڳالهه نه ٻڌندا ته نتيجا اهڙا نڪرندا، توڙي جو ڪنهن به تشدد جي مذمت ڪجي ٿي، شعيب اختر ڀٽو لکيو ته شرپسندن اهو ڪم ڪيو، نوشاد مهر لکيو ته پرامن ڌرڻي کي ڪجهه شرپسندن پرتشدد بڻائڻ جي مجرماڻي سازش ڪئي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. مختيار عباسي لکيو ته مون ڪالهه به اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته پرامن ڌرڻي کي پرتشدد ڌرڻي ۾ تبديل ڪيو ويندو، اياز باهه واري واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي اسان جي پرامن احتجاج خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي انتظاميا پاران تشدد کي هٿي ڏني ۽ قانون ٽوڙيو، ياسر نور لکيو ته بحريا ملازمن پاڻ گيٽ کي باهه ڏني ۽ الزام پرامن احتجاج ڪندڙن تي هنيو پيو وڃي، افشان عثمان خاصخيلي لکيو ته اسان ڌرڻي ۾ صبح کان موجود هئاسين هڪ پرامن ڌرڻو هو ملڪ رياض اينڊ ڪمپني عوامي سمنڊ ڏسي بوکلائجي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻن اعلان ڪري چيو ته ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سان ڌرڻي جو تعلق ناهي. استاد راهي سومرو لکيو ته جڏهن بحريا ٽائون آڏو مکيه گيٽ تي ڪراچي جي 7 ضلعن جي پوليس ايس ايس پي جي نگراني ۾ هئي ته پوءِ باهه ڪيئن لڳي جڏهن ته جلوسن جي رستن ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون. امداد علي سومرو لکيو ته باهه مظاهرين لڳائي يا ڪنهن ٻئي جي سازش هئي پر نقصان انهن جو ٿيو جن جي ڳوٺن تي بحريا ٽائون قبضو ڪيو آهي ۽ فائدو ملڪ رياض کي پهتو، ان ۾ سنڌ ۾ فساد ڪرائڻ جي ڪا ڪريل سازش به ٿي سگهي ٿي ان ڪري سنڌ جي شعور کي پهرو ڏيڻو پوندو. رابيل سيال لکيو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ جنهن به پارٽي ۾ هجن انهن کي نيڪالي ڏني وڃي، افي پنهيار لکيو ته تصوير ۾ موجود ماڻهن کي ڏسجي ٿو ته ڪنهن به حوالي سان موجود ڪارڪن نٿا لڳن هي پينٽ شرٽ پاتل ماڻهو آهن جن هٿ سان باهيون ڏنيون جيئن ڌرڻي تي لٺبازي ڪري سگهجي، سيد سميع الله شيرازي لکيو ته بحريا ٽائون کي ڪنڊيدار تارن سان ۽ پوليس جوانن سيل ڪيو ته پوءِ اندر باهه ڪيئن لڳي ۽ ڪيميڪل ۽ پيٽرول ڪٿان آيو؟ بحريا ٽائون پنهنجن ماڻهن هٿان شرارت ڪئي، شيرين اسد لکيو ته خاردار تارون هيون پوليس رينجرس هئي پوءِ ڪير ماڻهو هئا جن اندر وڃي باهه لڳائي اوهان خوفزده ٿيا لکين ماڻهن جي پرامن احتجاج ميڙ کانپوءِ پاڻ باهه لڳائي وئي، امتياز سمون لکيو ته ماچيس جي تيلي سان بحريا جي در کي باهه لڳڻ ممڪن ناهي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي بحريا ٽائون رات کان لاڪ هو، پرامن عوامي جدوجهد کي پرتشدد بڻائڻ وارن جا پيرا ضرور کڻو، مبشر زيدي لکيو ته اهو ڏسي سٺو لڳو ته سنڌ جو عوام بحريا ٽائون خلاف اٿيو آهي. عمار علي جان لکيو ته جنرلز، سياستدان ۽ ميڊيا ملڪ رياض خلاف هڪ لفظ به نٿا چئي سگهن پر سنڌ جي عوام ان جي ڏوهن خلاف آواز اٿاريو آهي، اشفاق گجر لکيو ته ملڪ رياض هاڻي ميڊيا تي خبر هلرائيندو ته احتجاج ڪندڙن قانون هٿ ۾ کنيو ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو پر ڪير اهو سوال نه ڪندو ته غريب ماڻهن جي زمين تي پهريان قبضو ڪيو ئي ويو ڇو؟ ڊاڪٽر رخسانه پريت لکيو ته سنڌ جي زمينن کي ھڪ رٿابنديءَ سان والارڻ کي روڪيو وڃي ڌرتي ڌڻين جي حقن ڌرتي جي حقن ۽ تاريخي ماڳ مڪانن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، پورھيت طبقي کان اجھا کسي سندن حقن تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيا وڃن، سنڌ جي پورھيت عورتن کي بلڊر ازدھائن ھٿان دربدر ڪرڻ بند ڪيو وڃي، سحر شاهه رضوي لکيو ته هزارين ماڻهو ملڪ رياض جي قبضي خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن پر ميڊيا نه ڏيکاري رهي آهي، ڪنول لکيو ته سلام انهن عورتن بهادر عورتن کي جن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، لکمير خان گوپانگ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس بحريا ٽائون جو دفاع ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جو دفاع ڪري رهيا آهن.الهڏنو چنا لکيو ته اسان بحريا ٽائون جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪريون ٿا، طلعت حسين لکيو ته بحريا ٽائون خلاف سنڌين جو احتجاج، زمينن تان جبري بيدخلي ۽ پ پ حڪومت تي بحريا ٽائون جي معاونت سرپرستي جو الزام، عوام روڊن تي پر سموري ميڊيا خاموش، پلاٽن ۽ اشتهارن جي پاڇي هيٺ سڀ هڪ آهن، فهد شهزاد سولنگي جي ڊي اي اڳواڻن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي ڇو خاموش آهن؟ بن يامين لغاري لکيو ته بحريا ٽائون جي زمين واپس ڪري سنڌين لاءِ فيڪٽريون ڪاليج يونيورسٽيون قائم ڪري انهن کي اعليٰ تعليم ڏياري وڃي سنڌ کي يونيورسٽين ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي ضرورت آهي. مهدي حسن لکيو ته ملڪ رياض ايڏو طاقتور آهي ڇا جو صوبي تي حڪومت ڪندڙ به خاموش تماشائي آهن، مير شبير ڪولاچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي قافلا ڪنهن ذاتي مفادن لاءِ نه، ڪنهن برياني جي پليٽ لاءِ نه، ڪنهن وڏير جي سڏ تي ناهن نڪتا پر پنهنجي ڌرتي ماءُ سان وفا نڀائڻ نڪتا آهن. جڏهن ته ٽرينڊ ۾ اقصيٰ ڪينجهر جمالي، عائشه حسن ڌاريجو، سرتاج سنڌي،ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، عبدالفتاح، دودو چانڊيو، ندا ڪرماڻي،سميرا زرداري، حق ابڙو، معراج حبيب، ورثا خالدا زلف، ياسر خان سوهو، غلام علي ڪانڌڙو، امجد راڄپر، علي خواجه، عصمه جوڻيجو، وقار علي هالو، ساحل وسيم جلباڻي، محسن سولنگي، فاروق نور، ڀٽو ضمير حسين، پرهه منگي، سراج احمد، ايم ارسلان اعوان، علي رند، اصغر ناريجو، فيض صديقي، نعمان جوڻيجو، نظير ڪنڀر، وقار علي ميمڻ، پون ڪپري، صنم چانڊيو، ماروي پليجو، مبين عالماڻي، سعيد سانگري، وشنو مل، فرزين علي، جميلا تبسم برفت، جهانزيب ترڪ ۽ ٻين پڻ حصو ورتو.