ڳڙهي حسن ۾ هلندڙ سرعام جوئا بند ڪرايو!
ڳڙھي حسن شھر ۾ لکين رپين جو جوئا هلڻ لڳي آهي، جنهن جي ڪري نوجوان نسل تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي جوئاري بڻجي ويو آهي. ڳڙهي حسن ۽ آسپاس ڏينهون ڏينهن جوئا ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جوئا نوجوانن سميت ننڍڙا ٻار به کيڏڻ لڳا آهن، سرعام جوئا هلڻ جي ڪري علائقو بدامني جي ور چڙھي ويو آھي، جوئا سبب چوريون ۽ وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آھن. ڏينهن ڏٺي ڦرون ۽ ڌاڙا ته لڳن ٿا پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آھي. علاقي واسين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
ذري ذري ڏي نه مھڻا، دل ٽٽي پوندي!
سنڌ جي سونهن واري سنڌڙيءَ تي سوين اھڙن ماڻھن جنم ورتو آهي جن جي زندگيءَ ۾ ڪا به سڃاڻپ يا اھميت نه ملندي آهي پر جڏهن اھو دنيا ڇڏي ويندا آهن تڏهن سندن حيثيت، جرئت ۽ اھميت محسوس ٿيندي آهي. ايئن ئي اسان جي ضلعي شھيد بينظيرآباد جي قاضي احمد جي ڳوٺ مٺا خان جوکيو جو رھواسي ۽ سنڌ جو اربيلو شاعر فنڪار ۽ سادي طبيعت جي مالڪ سنڌ جو مشھور شاعر پانڌن جوکيو اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، ھن سريلي فنڪار ۽ اربيلي شاعر پانڌن جوکيو جا ڪيترائي ڪلام مشھور آھن، جن کي سنڌ جي مشھور فنڪارن شمن علي ميرالي ۽ ماسٽر منظور سميت فنڪارن گيت ڳايا آھن. سندس مشھور ڪلام “دلين جا مالڪ، منهنجي يار جي پارت ٿئي، ذري ذري ڏي نه مهڻا دل ٽٽي پوندي، چريو ٿيو چريو ٿيو آ، ماڻهو ٿا چون، اي پرين ٻڌاءِ اهڙو هلڻ ڀلا ڪنهن کان سکئين” مشهور ڪلامن ۾ شامل آهن. پانڌن جوکيو جيڪو ڪيترو وقت بيمار رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، ھن اربلي شاعر کي فالج سبب ڪافي وقت بيمارين ۾ گذارڻو پيو پر افسوس جو ھن سريلي شاعر جي ثقافت کاتي سميت حڪومت جي ڪنھن به اداري توڙي ڪنھن به سنڌ جي ماڻھن ھن جي ڪا به مدد نه ڪئي. سندس جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس تعزيت لاءِ ڪٿان کان ڪٿان خلقون لٿل آهن جن کي پانڌن خان جا وارث به نٿا سڃاڻن. سندس تڏو نواب شاھ جي شھر دولتپور ويجهو ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ وڇايو ويو آھي. رب کان دعا آهي ته رب ڪريم سنڌ جو سور رکندڙ ھن شاعر کي جنت جي خوبصورت گھرن مان خوبصورت گھر عطا فرمائي، آمين.
غلام مصطفي جوڻيجو/ دولتپورصفن
هڪ چٺي تعليمي وزير ڏانهن!
سنڌ جي تعليم گذريل 2 سال کان رولڙي جو شڪار آھي، اڳ ئي سنڌ جي تعليم وڃي رواجي بچي هئي، ويتر ڪورونا جي آڙ ۾ وڌيڪ تعليم برباد ڪئي وئي آھي. ايس او پيز تحت به ته اسڪول کولي سگهجن ٿا. تعليم کي مورڳو ايئن بند ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا ايس او پيز تي عمل نٿو ٿئي؟ نه نه، انهن تي ته اسان جا استاد به عمل ڪري ۽ ڪرائي رهيا هئا پوءِ به ايئن توهان ڇو ڪيو؟ سعيد غني صاحب! هيڏانهن وري اسان جا نوجوان جن 2009ع ۾ پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، انهن کي به ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آھي، هو ويچارا گذريل 12 سالن کان لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آھن، ڪڏهن زنجيرن ۾ جڪڙيل، ڪڏهن سڪل ماني ڳچيءَ ۾ وجهي، ڪڏهن ڇولن جا ٿالھ کڻي احتجاجن طور وڪڻين ٿا هو مسلسل لاچار بڻيل آھن پر هنن جو ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي. هو هڪ هڪ ڪاموري سان وڃي مليا جن ۾ اڳوڻو تعليم وزير سردار شاھ، تعليم جو اڳوڻو وزير نثار کهڙو، تعليم جو اڳوڻو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ڊي سي جاويد جاگيراڻي، ڊي او نواب کوکر ۽ ٻين وزيرن سان ملي چڪا آھن پر سندن ڪير به دانهن ورنائڻ لاءِ تيار ناهي. هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به ملي چڪا آھن پر رڳو ڪوڙن واعدن ۽ آسرن کان سواءِ ڪجھ به پلئي نه پيو اٿن. تعليمي وزير صاحب! اوهان جاين تي ڀرتيون ڪري هنن غريبن جي حقن تي لت ڏني آھي، توهان ئي چيو هو ته ٽيسٽ ۾ 60 مارڪون کڻندڙن کي سيٽ ڏني ويندي، هنن ته انهن کان به مٿي مارڪون کنيون پر توهان ايئن نه ڪيو، هنن نوجوانن 60 کان به مٿي مارڪون کيون پر توهان رشوت تي هنن جي سيٽن کي وڪڻي ڇڏيو. جن 30، 40 مارڪون کنيون انهن کي نوڪريون مليون (جن جا ثبوت به هنن وٽ آھن). امير سنڌ جو غريب پٽ.
بشير احمد جتوئي/ نصيرآباد، قمبر شھدادڪوٽ
کپرو جي پوسٽ آفيس عملي کي ماڻهن جو احترام سيکاريو!
اسين پڙھيل لکيل بيروزگار نوجوان اڳ ئي ڪيترن ئي مسئلن جا ماريل آھيون، جنھن ۾ حڪومت جي طرفان ناڪارا تعليم نظام،  مھانگائي، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جھڙا تحفا ڏنل آهن وري به حڪومت جون مهربانيون جيڪا اميدن جي انجيڪشن لڳائيندي، بي.پي.ايس ھڪ کان وٺي چار تائين مختلف کاتن ۾ نوڪرين جو اعلان ڪيو آهي، انهن نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ کپرو شھر مان ھزارين بيروزگار نوجوان فارم ڀرائين ٿا، ان لاءِ کپرو شهر جي فوٽو ڪاپيءَ جي دڪانن تي رش جو فائدو وٺندي دڪاندارن پاران پنھنجي من ماني ڪندي ھڪ فارم جا پنج سئو کان ھزارين رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا، ان کان پوءِ ويچارا بيروزگار نوجوان مختلف شهرن ڏانهن دستاويز موڪلڻ لاءِ پوسٽ آفيس جو رخ ڪن ٿا اتي وري پوسٽ آفيس جو عملو ڪاغذ وٺڻ ته پري پر وات ۾ گٽڪو وجھي ڳالھائڻ لاءِ به تيار نه ھوندا آھن. نوجوانن پاران رش ٿيڻ تي عملي کي جلدي ڪم ڪرڻ لاءِ چوڻ تي انھن پاران ڪاوڙ ڪرڻ ۽ ننڍن توڙي وڏن سان بدتميزي ۽ بداخلاقي ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ خدارا پوسٽ آفيس عملو پنهنجو فرض نڀائي کپرو جي رھواسين جو احترام ۽ خدمت ڪري، حسن سلوڪي سان پيش ٿي انھن جا اھنج دور ڪري، اسان سنڌ سرڪار کي به اپيل ٿا ڪريون ته پوسٽ آفيس جي عملي کي ٿورڙي انسانيت سيکاري وڃي.
رحيمداد مري بلوچ/ کپرو
ڇو دلڙيون رنجائين ٿو، تون پاڻ لڏي ويندين!‎
نٽھڻ اس ۽ قهر جي گرمي، دل ٺٽو ٽو سجاول نيشنل هاءِ وي ڀرسان قائم ٿاڌل جي دڪان ڏانهن ڇڪ کاڌي، اڃا ڪرسيون ويجهيون پي ڪيوسين ته هڪ وڏي ڪار به ٿاڌل جي دڪان تي اچي بيٺي، سفيد پوش ماڻھن جي لهڻ شرط ئي هڪ نوجوان فقيراڻي وڃي سفيد پوشن کي خيرات لاءِ صدا هنئي، هن معصوم ڇا صدا هنئي سفيد پوش ڏمرجي پيو، اسان کي گرمي لڳي آھي توکي پئسا کپن، هن جي مسلسل زهر اوڇاڳيل لفظ فقيراڻيءَ جي ڄڻ ته مٿي تان گذري ويا ڇو ته مجبوري الائي ڇا ڇا ٿي ڪرائي، نه ته جيڪو ٻڌي سگهي ٿو اهو ٻڌائي به سگهي ٿو. فقيراڻي نماڻا نيڻ ڪري هڪ پاسي هلي وئي پر اسان جو هانءُ ڏري پيو. ٿوري دير اڳ هٿ ۾ جهليل ٿاڌل جي ٿڌاڻ اندر ۾ ڄڻ زهر جي ڍڪ جهڙا وڍ وجهي رهي هئي. پستن، بادامن ۽ سونفن جي اندر ۾ اوتيل خوشبو هڪ ڪڙي ڦڪيءَ جيان هانءَ تي بار ڪري رهي رهي هئي. ٿاڌل جي ٿڌي گلاس ۾ 2 ڪوسا لڙڪ جذب ٿي ويا ۽ اکڙيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون. سماجي اڻبرابري سبب هٿ ڦھلائڻ تي مجبور ڪري ٿي، نه ته ڪنهن کي شوق آھي جو پنهنجي جوڀن جواني کڻي سفيد پوش ۾ لڪل بگهڙن اڳيان پنهنجي ضرورت خاطر صدائون هڻي؟ سوچيان ٿو ته جتي انسان وڏيون وڏيون ايجادون ڪري پاڻ مڃرايو آھي زمين کان چنڊ تي قدم رکيا آھن اتي آدم جي اولاد حوا جي نياڻين جي عظمت اڃا ڇو ناهي سمجهي سگهيو؟
شيخ سعدي هڪ هنڌ لکيو هو ته “خدا جي مخلوق کي نه آزار، باقي اسان جي شريعت ۾ ٻيو ڪو ڏوهه ناهي” خدا جي مخلوق کي رنجائڻ وارا هڪ ڏينهن تون پاڻ ٽٽي پوندين، بقول ڪنهن شاعر جي ته:
ڪر خيال مٺا جاني، هيءَ دنيا ڇڏي ويندين،
ڇو دلڙيون رنجائين ٿو، تون پاڻ لڏي ويندين!
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي وفاق جي رحم تي نه ڇڏيو!
بجيٽ بابت وفاق توڙي صوبن پاران جلد اعلان ٿيڻ وارا آهن ۽ ان ۾ غريب عوام سان گڏ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي ڪھڙو رليف ڏنو ويندو اھو ته وقت ئي ٻڌائيندو! وفاقي حڪومت پاران 11 جون جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران 15 جون تي صوبائي بجيٽ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن. اڄوڪي “پنھنجي اخبار” ۾ وفاقي حڪومت پاران اھا خبر سامھون آئي ته ھن سال سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽارئرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، جي ڏٺو وڃي ته مھانگائي جي مناسبت سان 10 کان 15 سيڪڙو اضافو سراسر ڀوڳ آهي. ڪالھ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو هو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. ان جي ابتڙ وفاق پاران صرف 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي، سائين منھنجا وفاق مان ڪا اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي جڏهن ته پ پ پ جي حڪومت 2007ع کان وٺي گذريل سال جي بجيٽ تائين اڪثر سالن ۾ سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ۽ وري ڪڏھن وفاق جي مقابلي ۾ ڏيڍوڻ تي ۽ ھڪ ڀيرو پ پ پ جي وفاقي حڪومت پاران سڄي پاڪستان جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي ويو، جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. جڏهن ته ان وقت ايتري مھانگائي نه ھئي پر ھن وقت ته تمام گھڻي مھانگائي آهي. ان ڪري سنڌ جا سڀ سرڪاري ملازم توڙي رٽائرڊ ملازم فاقاڪش طبقي سان لاڳاپيل پينشنرز وفاق ۾ ھرگز نه پر سنڌ جي وڏي وزير ۾ خدا ترسي جي ڀرپور اميد رکي گذارش ٿا ڪن ته ھن بجيٽ ۾ پگھارن ۽ پينشن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ملازمن ۽ پينشنرن جون دعائون کٽيندا.
عبدالقادر شيخ/ جنگشاهي، ٺٽو
شقي پوش علائقن جا جي پي ايس ٺاھڻ گھرجن!‎
دنيا جيئن جيئن ترقي ڪندي پئي وڃي تيئن تيئن ڏوھن جا نوان طريقا ڳوليا پيا وڃن، اھڙي دور ۾ اسان جديد ٽيڪنالاجي کي نظرانداز ڪري پراڻو طريقو اپنائڻ جي ڪري ڏوھن تي ضابطو آڻڻ بدران اضافي ڏانھن وڃي رھيا آھيون، جنھن ۾ خاص ڪري ٻھراڙي، جھنگن، جبلن، درياھي رستن پتڻن توڙي شھر جي پوش علائقن جي علائقن ڏانھن ويندڙ ڳجھن رستن، ڪچين آبادين، مال جي وٿاڻڻ، لانڍين، جڳھن جا سيٽلائٽ جي پي ايس ڪو آرڊينيٽر نه ٺاھڻ سبب علائقن ۾ آپريشن دوران ناڪامي جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، گڏوگڏ ڏوھارين جي موبائل فون ٽريس ڪرڻ باوجود لوڪيشن ۾ اصل جڳھ جو نالو ھجڻ بدران انگن ۾ لوڪيشن ظاھر ٿئي ٿي، جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لا ڄڻ پاڻمرادو  الڳ ڊڪشنري جي ضرورت پوي ٿي. ان لاءِ گھرو کاتي کي گھرجي ته پوش علائقن ڏانھن ويندڙ رستن، چوڪن، چودڳين، پتڻڻ، شڪي جاين ۽ انھن رستن جي وچ ۾ ايندڙ ڳوٺن جا جي پي ايس لوڪيشن ٺاهيا وڃن ته جيئن ڏوھارين کي ٽيڪنالاجي وسيلي ٽريس ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
پاڻي ڏيو، زراعت بچايو!
ڪلوئي ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف رڻ شاخ جي آبادگار بابو جان لنڊ، غني واھنداڻي، ربنواز نهڙيو جي اڳواڻي ۾ ونگو پتڻ کان 30 ڪلوميٽر موٽر سائيڪلن تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته نئون ڪوٽ ويجهو گل موري تي پھچي مٺي نئون ڪوٽ روڊ تي آبادگارن ڌرڻو پڻ هنيو، آبادگارن چيو ته اسان جو پاڻي بند ڪري ھارين نارين جو معاشي قتلام ڪري کين بک ۽ بدحاليءَ طرف ڌڪيو پيو وڃي. ھن وقت ڪلوئي ۾ بيٺل ھزارين ايڪڙن تي فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته آبپاشي عملدارن ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون. انجنيئر پاران پاڻي 24 ڪلاڪن ۾ پهچائڻ واري يقين ڏيارڻ تي مظاھرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رڻ شاخ پڇڙي ۽ منڍ جي آبادگارن ۾ پڻ اختلاف تيز ٿي ويا آهن، اسان هن چٺي وسيلي آبپاشي عملدارن کان هڪ ئي مطالبو ٿا ڪريون ته رڻ شاخ پڇڙي تائين پاڻي ڏنو وڃي ۽ اسان جون پريشانيون گهٽ ڪيون وڃن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
جوھي ۽ ڪاڇي ۾ امن جو پکي آڏامي ويو!‎
جوهي تعلقي ڪاڇي ۾ بدامني ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن. ڊي ايس پي جوهي بنگلي ۾ گهري ننڊ ستل آهي، چورن ۽ ڦورن تر تپائي ڏنو آهي، صبح سوير جوهي ڳوٺ پناھ رودناڻي جي رهواسين کان ڀان روڊ تي هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري ٽريڪٽر ۽ ٽرالي جي ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ روڊ تي بيٺل وڻ سان ڊرائيور کي ٻڌي ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي وڃڻ خلاف رودناڻي سوشل آرگنائيزيشن رودناڻي برادري سميت سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن طرفان فاضل چوڪ تي روڊ بلاڪ ڪري جوهي پوليس ۽ ڊي ايس پي جوهي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جوهي پوليس جي نااهلي سبب سڄي تعلقي ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويو آهي، لاقانونيت سبب تعلقي اندر بدامني جي باھ ڀڙڪي اٿي آهي ۽ شهري گهرن اندر به غير محفوظ بڻيل آهن. اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿا ڪريون ته جوهي تعلقي اندر وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي نااهل ڊي ايس پي جوهي کي هٽائي چوري ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرائي شهرين کي چورن ۽ ڦورن کان بچائي جوهي ۽ ڪاڇي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
هلندڙ تعليم نظام پاڻ کي ڪيڏانهن وٺي پيو وڃي!
ننڍي کنڊ ۾ انگريز سرڪار اچي قبضو ڄمايو، وقت گذرڻ سان انگريز سرڪار ھتان جي ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ جو سوچيو، ان ارادي سان، 1901ع ۾ دھليءَ ۾ ھڪ انگريز وليم نالي تقرير ڪندي چيو ته اسان ھتان جي ماڻهن کي اھا تعليم ڏينداسين، جنهن تعليم جي ذريعي ھتان جا ماڻهو جسماني طور ھندستاني ھوندا پر روحاني طور انگريز ھوندا، 1935ع انگريز پنهنجي سوچ موجب هن سماج لاءِ سيليبس تيار ڪيو، جيڪو اڄ به رائج آهي. ان سيليبس ۾ تبديلي وقت موجب آئي آهي پر رخ اهو آهي جيڪو انگريزن ايجاد ڪيو هو، اھو تعليم جو نظام اڄ به پاڪستان ۾ ھلي رهيو آهي. ان ڪري اڄ جو نوجوان جيڪڏهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري ٿو ته اھو شاگرد سماج جي رهڻين ڪهڻين کي چريائپ جو عنوان ڏئي پنهنجي ثقافت پنهنجي اصل سڃاڻپ وساري مڪمل طور تي گورن جا غلام ٿي انهن جي ترقي جا ڳڻ ڳائين ٿا. پنهنجي وطن سان پيار ڪرڻ بلڪل ايمان جي نشاني آهي پر اڄ جا شاگرد ڪجهه حاصل ڪرڻ بجاءِ زندگي جا اونڌا اصول سکي رهيا آهن، جنهن کي سنڌي سماج بلڪل قبول نه ڪندو. اعليٰ اختيارن کي اپيل آهي ته سيليبس ۽ سارو تعليم نظام اعليٰ عالمن جي سوچ موجبت تبديل ڪيو وڃي.
 عبدالجبار راڄڙ/عمرڪوٽ 
سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو دهشتناڪ نالو!
اڄ کان 10 سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄا۾شوري کي قاتل يونيورسٽي سڏيو ويندو هو. اڄ جي اسين سنڌ يونيورسٽي تي هڪ نظر وجھون ته ان لحاظ کان هي ادارو اڳ کان بهتر آهي، ڇو ته 10 سال اڳ يونيورسٽي ۾ جھيڙن جھٽن کان سواءِ ڪجھه نه هو ۽ هر طرف بارود ۽ گندرف جي بوءِ هوندي هئي. جتي پڙهيل لکيل شاگرد پاڻ سان ظلم ڪندا هئا، شاگردن جو پڙهائي لاڙو گھٽ هٿيارن سان محبت گھڻي هوندي هئي. يونيورسٽي ۾ رتو ڇاڻ هوندي هئي ان ڪري ان کي قاتل يونيورسٽيءَ طور سڏيو ويندو هو. ان دور جا شاگرد ڪلاسن ۾ گھٽ ڪينٽينز ۾ گھڻو ويهندا هئا، انهن وٽ استادن جو قدر گھٽ هوندو هو چند مارڪن جي ڪري استادن تي هٿيار پڻ سڌا ڪندا هئا. ان وقت يونيوسٽي ۾ شاگردن جا ڪيترائي گروپ هوندا هئا، جن کي سياسي پارٽين جي سرپرستي حاصل هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو شاگرد پڙهائي ڏي گھٽ سياست تي ڌيان وڌيڪ ڏيندا هئا ۽ آهستي آهستي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اثر مهراڻ ۽ لمس جي شاگردن تي پوڻ لڳو ۽ هو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي قدمن تي هلندي هنن به هٿيار کنيا ۽ ايئن ٽنهي يونيورسٽين جا شاگرد هڪ ٻئي تي هٿيار جي دهشت ڦهلائڻ لڳا. وڌيڪ ڌڙا بندي ۽ گروپ بندي هنن جي وچ ۾ ويڇا وڌندا ويا ۽ ڪيترائي شاگردن هٿيارن جو شڪار بڻجي ويا. اهڙا شاگرد جيڪي غريب گھراڻن جا هئا جن جا مائٽ غريب هئا جن محنت مزدوري ڪري پنهنجن نوجوانن کي يونيورسٽي تائين پهچايو هو انهن شاگردن ۾ عبدالغني بروهي، اسد عباسي، بابر سنديلو، عرفان ناگراج، رميز سهاڳ ۽ ٻيا کوڙ شاگرد هئا جيڪي هنن گروپن جي هٿيارن جو کاڄ بڻجي ويا.
سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد
هاڻ نه ته ڪڏهن به نه!‎
پاڪستان آزاد ٿيڻ کان هن مهل تائين سنڌ سان ماٽيلي وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن پاڻي تي ڌاڙو، ڪڏهن نوڪرين تي ڌاڙو، ڪڏهن بجيٽ ۾ ٻه نمبري، ڪڏهن سنڌ جون ملڪيتون ڌارين حوالي ڪرڻ مطلب تي سورن جو داستان آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سنڌ جي سياستدان ان تي ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي، هوڏانهن وفاق پاڻ نڀايو ته پنهنجن به ڪين گھٽايو، ڄڻ ڪا سنڌ کين مال غنيمت طور ملي هجي، هن تازي صورتال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آباد سنڌ کي بيابان ڪرڻ جي ڳالھ ڄڻ وفاق قسم سان نڀائي رهيو آهي، جيڪڏهن اهڙي صوتحال رهي ته سنڌ امڙ بيابان ٿي ويندي ۽ اسان اهو لقاءُ پنهنجين اکين ڏسنداسين. ان باوجود ڪنهن سڄاڻ ڌرين اک نه پٽي آهي نه ئي ڪنهن چونڊيل نمائندي ڪو آواز ايوانن ۾ اٿاريو آهي بس چپ ايئن آهن جيئن ڪو قرض ادا ٿا ڪن. ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ جو پاڻي بند آهي ڪيترائي واهه بند پيا آهن فصل سڪي رهيا آهن، آبادگارن ۽ هارين سان ظلم لڳو پيو آهي، افسوس جي ڳالھ ته سدا رنگ واهه جنهن جا آبادگار گذريل 2 مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، انهن جو احوال پچڻ لاءِ ڪو به ڪن نٿو ڏئي، بس ڪيترن جو ذڪر ڪجي؟ سڄي سنڌ سورن ۾ آهي، ھن صورتحال ۾ نوجوان نسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، شعور جو ڏيئو ٻرڻ شروع  ٿيو آهي، جن سوشل ميڊيا تي ظلم خلاف آواز اٿاريا آهن، ڪجھ وفاق کي سوڙھو ڪيو آهي پر جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سنڌ تي ملڪ رياض جي ٻه نمبري جي ته ان ۾ به نوجوان گهڻو اڳتي آهن، ڪاله بحريا ٽائون اڳيان (سنڌي قوم جي قبضي ڪيل زمين) لاءِ سڏايل احتجاج هڪ بهترين عمل آهي. سنڌي قوم کي عرض آهي ته پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو، پنهنجا حق ڇني وٺو، ڇو ته هاڻ نه ته ڪڏهن به نه!
غلام حيدر شر/سوئي گئس
ڀلي اسان جو يار نٿي پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي!
سچ اھو آھي ته ھن وقت بحريا جي مسئلي تي جيڪا سڄي قوم مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي آهي اتي ڪنھن حد تائين اياز جي ھن شعر وارو پسمنظر ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ته: ”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان” ھن وقت سنڌ جي قومپرستن اديبن جتي تند ذريعي جنگ جوٽي آھي ته اتي ڪراچي ۾ جيڪو ڌرڻو لڳي رھيو آهي اھو به پرامن ڌرڻون آھي، ھن وقت سنڌ دشمنن سان تند واري جنگ جاري آھي، اھي ملَڪ جن کي بحريا جي زمين جي اجازت 16 سئو ايڪڙن جي ھئي پر ھن وقت تائين ھو ھزارين ايڪڙن تي قبضو ڪري چڪا آھن. افسوس جو پنھنجا ئي پنھنجن جا لاھ ڪڍڻ ۾ پورا آھن نه ته قبضاگيرن کي جرئت ڪھڙي آھي جو ھو اسان جا دنگ والارين. ڇھ جون جو پرامن ۽ تاريخي ڌرڻون جيڪو نه رڳو ملڪ رياض ۽ ان جي ساٿارين لاءِ هو پر سنڌ حڪومت لاءِ به امتحان هو، ڇاڪاڻ جو سالن کان سنڌي قوم لاڳيتو پ پ پ کي اڳيان آندو آھي. اصل ڳالھ ته ھي جيڪو ڪجھ به ٿي رھيو آھي، ڇا اھو بنا ڪنھن جي آشيرواد جي ٿي رھيو آھي؟ نه بلڪل نه سنڌ جو ٻچو ٻچو سمجھي ٿو ته ھيڏي مسئلي تي سنڌ سرڪار جيڪڏھن قوم جي حمايت ۾ اچي ته يقينن اھو سمجھبو ته سنڌ سرڪار واقعي سنڌي عوام سان گڏ بيٺل آھي، ان ڪري سنڌ سرڪار کي ھن ڌرڻي کان پوءِ اکيون پٽڻ گھرجن. ھاڻي اوھان انھن جي مطالبي جي حمايت ڪئي ته ٺيڪ جيڪڏھن نه ته پوءِ سنڌ جي تاريخ اوھان کي بخش نه ڪندي. هن لکن جي انگ ۾ لڳل ڌرڻي کان پوءِ به اوھان ڪو موقف اختيار نه ڪيو ته پوءِ ھي تند واري جنگ بدران وري جي ڏاٽن ۽ ڪھاڙين سان ٿيندي، تڏھن سوين عيد جا چنڊ اڀري پوندا، ان ڪري سوچيو، اڃا به وقت ويو ناھي. پنھنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪريو، جي نه ته پوءِ شاعر جي ھنن سٽن جيان ته: ”ڀلي اسانجو يار نٿي پر، ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي.”
رياض امر ٻجورو/سجاول