ڪراچي (م ڊ) جسٽس رٽائرڊ  ناصرا اقبال چيو آهي ته چيو ته جسٽس عائشه جي اچڻ سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي پر بهتري ايندي، عورتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اڪثريت جو فيصلو آهي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي، 17 ججز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 عورتون ته هجڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ قانون ٺهيو ته هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عورت جج هجڻ گهرجي، هاڻي چيو ويو ته ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 عورت جج هجن ، ان سان عورتن کي سهولت ملي آهي، مردن آڏو ويندي عورتون گهٻرائجي وينديون آهن.