اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽوبيڪو وانگر ٻين پنج شعبن ۾ به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر پاران ٻڌايو ويو ته پيٽروليم پيٽروليم شين جي وڪري تي به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شگر، ڀاڻ، سيمينٽ ۽ بيورجز لاءِ به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو، ايف بي آر پاران چيو ويو ته ڀڃڪڙي تي ٽيڪس چوري جي رقم جيترو 100 سيڪڙو ڏنڊ به ڏيڻو پوندو.