ڪراچي (م ڊ) جسٽس عائشه ملڪ جي  سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي، جسٽس عائشه ملڪ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سينارٽي ۾ چوٿين نمبر تي آهي، جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ۾ جج طور مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي، مقرري بعد پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ پهرين سپريم ڪورٽ جي عورت جج هوندي، جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به رهي ٿي ته 2026ع ۾ ان جي پهرين عورت چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿئي ٿي ته 2030ع ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس هوندي، 2031ع ۾ رٽائرمينٽ ٿيندي. عائشه ملڪ ڪراچي جي اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي آهي پوءِ ڪامرس ڪاليج مان بي ڪام ڪيو، هاورڊ لا اسڪول مان لا ۾ ماسٽرز ڪئي آهي.