سپريم ڪورٽ جو فيصلو: فواد چوڌري فروغ نسيم جي سوال جي حمايت ڪري ڇڏي

0
192
شاهه زين بگٽي سڀاڻي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ججز جي خانداني اثاثن بابت قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي سوال جي حمايت ڪري ڇڏي

فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته فروغ نسيم جو سوال اهم آهي، ججز صاحبان پنهنجي ٻارن جي اثاثن جا ذميوار نه آهن، ته پوءِ سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جو احتساب ڪيئن ممڪن آهي؟

هن چيو آهي ته عدليه کي عالمي رينڪنگ ۾ تيزي سان ڪرندڙ پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، نئون چيف جسٽس حلف کڻندو ته کيس اِن چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو

واضح رهي ته گذريل ڏينهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو هو ته ججز جوابده نه آهن ته آئون ۽ وزيراعظم خاندان جي اثاثن بابت جوابده ڇو هجون؟

قانون جي وفاقي وزير طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غلط ۽ تضادن سان ڀريل قرار ڏيندي چيو هو ته عدالتي فيصلو درست ناهي ۽ اسان وٽ قانوني آپشنز موجود آهن

جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو جج اثاثن تي جوابده نه آهي ته ڇا اهو معيار ٻين سرڪاري ملازمن لاءِ به آهي، ڇا ڊسٽرڪٽ ججز ۽ انتظامي آفيسرز به خانداني مامرن کان آزاد هوندا، ائين آهي ته آئون ڇو خاندان جا اثاثا ظاهر ڪريان؟

ھي به پڙھندا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري، ججز سميت ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي: سپريم ڪورٽ