منيلا: 8 گهر وارين سان خوشگوار زندگي گذاريندڙ شخص سوشل ميڊيا تي مقبول

0
434
منيلا: 8 گهر وارين سان

منيلا(دلچسپ نيوز) هڪ ئي گهر ۾ 8 گهر وارين سان خوشگوار زندگي گذاريندڙ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. هڪ ٻه نه بلڪ 8 گهر وارين سان گڏ خوشگوار زندگي گذاريندڙ ٿائيلينڊ جو ٽيٽو آرٽسٽ سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي ويو. يوٽيوب چينل تي انٽرويو ۾ ٿائي نوجوان اونگ ڊيم ٻڌايو ته هن کي پهرين گهر واري مان هڪ پٽ جي اولاد به آهي

پنهنجي 8 گهر وارين سان ملاقات جي تفصيل ٻڌائيندي نوجوان چيو ته پهرين گهر واري سان دوست جي شاديءَ ۾ ۽ ٻي سان بازار ۾ مليو هيس. اونگ ڊيم چيو ته ٽئين گهر واري اسپتال، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين گهر واريءَ سان انسٽاگرا، فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ ذريعي ملاقات ٿي، ستين گهر واري سان مندر ۾ ۽ اٺين گهر واري سان 4 گهر وارين سان موڪل ملهائڻ دوران ملاقات ٿي. اونگ جي 8 ئي گهر وارين هن کي مهربان ۽ خيال رکڻ وارو شخص قرار ڏنو