لاڙڪاڻي ۾ کدڙا فقيرن جي ٻن ڌُرين ۾ تڪرار وڌي ويو

0
484
لاڙڪاڻي ۾ کدڙا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ۾ کدڙن فقيرن جي ٻن ڌُرين ۾ تڪرار وڌي ويو، الزام هيٺ آيل ڌُر جو تنوجان ڌُر خلاف مظاهرو ڪيو ويو

کدڙن فقيرن جو چوڻ آهي ته هو جعلي کدڙا فقير نه آهن، تنوجا ڌُر کي سندن پِنڻ ۽ شادين ۾ نچڻ نٿو وڻي، تنهن ڪري مٿن ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن، گذريل ڏينهن به سندن هڪ کدڙي فقير امبرين کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو

سول لائين ٿاڻي تي تنوجان ڌُر خلاف ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس ڪارروائي نه ڪئي، احتجاج ڪندڙ کدڙن فقيرن طرفان تنوجان ڌُر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي