اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس کي لائيو ڏيکارڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جي 6 ججز اڪثريتي راءِ سان ڪيس جي سڌي ريت نشر ڪرڻ واري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته 4 ججز ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته درخواست تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته فيصلي جي اختلافي نوٽ ۾ ڪيس جي سڌي ريت نشريات واري استدعا منظور ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته عدالتي ڪارروائي لائيو نشر ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وڃي، عوامي دلچسپي جي ڪيسز جي آڊيو رڪارڊنگ ويب سائٽ تي بغير ايڊٽ اپ لوڊ ٿيڻ گهرجي ۽ معلومات تائين رسائي عوام جو بنيادي حق آهي، عدالت چيو آهي ته سپريم ڪورٽ معلومات ڪنهن انداز ۾ رسائي ڏئي سگهي ٿي هي انتظامي مامرو آهي، ٻئي طرف مختصر فيصلو جاري ٿيڻ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته فيصلو لکڻ ۽ اختلاف ڪندڙ ججز جا نالا ڄاڻان ٿو، ان تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فيصلو پڙهنداسين ته توهان کي نالن جو اندازو به ٿي ويندو..