سٺ ميل (ن پ ا) ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم عبدالرزاق شيخ ڊاڪٽر اقبال شيخ جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي عطائي ڊاڪٽر معشوق ڀرٽ، علي چوھاڻ ۽ ھڪ مڊوائيف جي ڪلينڪ سيل ڪري ڇڏي، ٽيم جي ڪارروائي دوران ڪيترائي  عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا، هوڏانهن ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جي واپس وڃڻ بعد عطائي ڊاڪٽرن تالا ٽوڙي سيل ٿيل ڪلينڪون کولي ڇڏيون.