سيوھڻ: ڪورونا وڌڻ سبب قلندر جي درگاهه پنجون ڀيرو بند

0
248

سيوھڻ (ن پ ا) سنڌ سرڪار پاران ڪورون اوائرس جي وڌندڙ چوٿين لهر سبب لعل شهباز قلندر جي درگاھ کي عام زائرين لاءِ پنجون ڀيرو بند ڪري ڇڏيو، اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر درگاھ کي عام زائرين لاءِ بند رکڻ بابت نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ۽ زائرين کي درگاھ اندر زيارت لاءِ به نه ڇڏيو ويو، مئنيجر اوقاف سيوھڻ زبير بلوچ ٻڌايو ته چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واري فيصلي تي عمل ڪندي درگاھ قلندر کي عام زائرين لاء بند ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سيوھڻ جي شھرين دوڪاندارن ۽ واپارين ۾ درگاھون بند ٿيڻ تي ڳڻتي جي لھر ڇائنجي وئي، دوڪاندارن موجب درگاھ قلندر جي مزارر کي 28 ڏينهن کليل رکڻ بعد ٻيھر بند ڪري پنجون ڀيرو کين بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته درگاھون بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ايس او پي تي سختي سان عمل ڪرائي درگاھ کولي وڃي.